مسو ڀرڳڙي ويجهو واڻڪي وسي ۾ اسڪول اينڊ ڪاليج آف سائنس جي افتتاحي تقريب

news

مسوڀرڳڙي:آچر 14 جولاءِ 2019ع: مسو ڀرڳڙي ويجهو واڻڪي وسي ۾ ايم ايس اسڪول اينڊ ڪاليج آف سانس جي افتتاحي تقريب ٿي گذري، مهمان خاص پ پ پ ايم اين اي سيد طارق شاھ ڄاموٽ ھو. ان موقعي تي سيد طارق شاھ ڄاموٽ ۽ ٻين آيل مهمانن گڏجي اسڪول جو افتتاح ڪيو. جڏھن ته تقريب ۾ ايڊيشنل آءِ جي سنڌ غلام سرور جمالي، پ پ اڳواڻ بلاول شورو، سيد جاني شاھ حسيني، سيد اڪرام شاھ، شاھ بخش لغاري، سيد منظور شاھ، سيد مهدي شاھ، حاجي شاهد جوڻيجو، علي احمد لغاري، زوار امابخش لغاري، محمد بخش ٻھرام، ايڊووڪيٽ محب لغاري، محمد بچل لغاري، حاجي رزاق نونداڻي، مير دوست بروهي، ھدايت الله دل، عبدالرشيد سولنگي، امام دين نوناري ۽ صحافين شرڪت ڪئي، جنھن غلام قادر، وسير گل، محمد وگھيو، آفتاب علي لغاري، پانچورام  ۽ ٻين سوين ماڻھن شرڪت ڪئي.

افتتاحي تقريب جو آغاز تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿيو، ان بعد آيل مهمانن کي سنڌ جي ثقافت اجرڪون پارائي آڌر ڀاءَ ڪيو ويو. جڏھن ته تقريب جي آرگنائيزر سائين مولابخش لغاري خطاب ڪندي چيو ته آيل مهمانن کي ڀليڪار چوان ٿو. هن چيو ته اڄ اسان هڪ اهڙي انسٽيوٽ جو افتتاح ڪرايو آھي، جتي جديد علم سان گڏ اخلاقيات، ادب ۽ ڊسيپلين سيکاريو ويندو ته جيئين هتان جا پڙھيل لکيل نوجوان اڳتي هلي سنڌ جي سڃاڻپ بڻجي سگهن، ان بعد تقريب کي خطاب ڪندي پ پ پ اڳواڻ بلاول شوري چيو ته لغاري صاحب جديد علم جو ادارو جوڙي هن علائقي جي خدمت ڪري رهيو آھي.

هن چيو ته سنڌ جي ترقي به جديد علم جي اڀياس ۾ لڪل آھي، اچو ته سڀ گڏجي علم دوست انسانن جا هٿ مضبوط ڪيون. ان موقعي تي ايڊيشنل آءِ جي سنڌ غلام سرور جمالي خطاب ڪندي چيو ته هن خطي ۾ سنڌ ايامن کان علم فنون جو مرڪز رهي آھي، تاريخ گواھ آھي سنڌ بابل اسلام رهي آھي ۽ اڄ به اسان جيڪڏهن علم کي هٿي ڏياريندڙ لغاري صاحب جهڙين علم دوست ڌرين جي همٿ افزائي ڪريون ته هڪ بهترين پڙھيل لکيل معاشرو جوڙي سگهون ٿا.

تقريب کي خطاب ڪندي مهمان خاص پ پ پ ايم اين اي سيد طارق شاھ ڄاموٽ چيو ته ماڻھو اسڪولن کي اوطاقون ڪن ٿا، سائين مولابخش لغاري صاحب اوطاق کي اسڪول بڻائي ڇڏيو. هن چيو ته اڄ جي جديد دور ۾ ٽيڪنيڪل اسڪل تعليم تي پڻ سنڌي نوجوان ڌيان ڏين. هن چيو آئون هتي هڪ بهترين ۽ جديد سهولتن سان ڀرپور علمي درسگاھ قائم ڪرڻ تي سائين مولا بخش لغاري ۽ سندس ٽيم کي مبارڪ باد پيش ڪيان ٿو.01