حيدرآباد ۾ ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس هيڊ ماسترن پاران پڪو نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

news

حيدرآباد (رپورٽ: رضا عباس حاجاڻو) آچر 14 جولاءِ 2019ع:آءِ بي اي ٽيسٽ پاس هيڊ ماسترن نوڪرين تي پڪو نه ڪرڻ ۽ امڪاني برطرفين خلاف حيدرآباد ڊويزن جي سڀني ضلعن جي هيڊ ماسترن حيدرآباد پريس ڪلب تي احتجاج ڪري ڌرڻو هڻي سخت نعريباز ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن فيض محمد ، محمد شعيب قريشي، مس مومينه ۽ ٻين چيو ته تازو سيڪريٽري تعليم پاران نوڪرين مان برطرف ڪري سندن جاءِ تي نيون ڀرتيون ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

هنن چيو ته هڪ طرف سندن جي ڪانٽريڪٽ ۾ واڌ ڪئي پئي وڃي ته ٻئي طرف سندن کي برطرف ڪرڻ جا اعلان ڪيا پيا وڃن، جنهن ڪري هو سخت ذهني اذيت مان گذري رهيا آهن.

هنن چيو ته هيڊ ماستر سچائي ۽ نيڪ نيتي سان ڪم ڪري رهيا آهن، جنهن جي تصديق وزير تعليم پڻ ڪئي ۽ کين ريگيولر ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، پر تازو نوٽيفڪيشن موجب کين هڪ سال کان پوءِ نوڪرين تان برطرف ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

هنن پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڄاڻايل معاملي جو نوٽيس وٺي کين نوڪرين تي ريگيولر ڪري جاري ٿيل نوٽِفڪيشن واپس ورتو وڃي ٻي صورت ۾ هو احتجاج جو دائرو وسيع ڪندا.01