حيدرآباد ۾ ڊگهڙي واسڻ جو اڳوڻي مڙس جي ڌمڪين خلاف احتجاج

news

حيدرآباد (رپورٽ: رضا عباس حاجاڻو) آچر 14 جولاءِ 2019ع:ڊگهڙي جي رهواسڻ عظميٰ خاصخيلي پنهنجي مڙس روشن خاصخيلي سان گڏ اڳوڻي مڙس عبدالشڪور خاصخيلي پاران ڌمڪيون ملڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي مسمات عظميٰ ٻڌايو ته اڳوڻي مڙس عبدالشڪور خاصخيلي هڪ سال اڳ طلاق ڏئي ڇڏي هئي، جنهن کانپوءِ هن پنهنجي سئوٽ روشن خاصخيلي سان شادي ڪئي آهي. جنهن کانپوءِ اڳوڻو مڙس مڇرجي کيس مڙس سميت قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.

جنهن سبب هو عدم تحفظ جو شڪار آهن. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته اڳوڻي مڙس عبدالشڪور خلاف سخت ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.01