حيدرآباد ۾ ٽنڊو آدم واسي پرائمري استاد جو فراڊ ڪندڙ استاد خلاف احتجاج

news

حيدرآباد (رپورٽ: رضا عباس حاجاڻو) آچر 14 جولاءِ 2019ع:ٽنڊو آدم جي ڳوٺ ڦوٽو هنڱورو جي رهواسي پرائمري ٽيچر هميرو ولد پيسو ڪولهي حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪندي دانهيندي الزام هنيو آهي ته 5 سال اڳ گڏ ڊيوٽي ڪندڙ پرائمري استاد ميوو ڳاهو ٽن مهينن اندر بئنڪ مان کنيل 20 پگهارون واري رقم 6 لک رپيا قسطون ادا ڪرڻ جي شرط تي سندس کان قرض ورتو، جنهن ٽي قسطون ادا ڪرڻ بعد وڌيڪ قسطون ادا نه ڪيون آهن.

جنهن سبب هو سموريون قسطون ڏيڻ تي مجبور ٿي ويو آهي، جنهن سبب هو سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيو آهي.

هن چيوته گڏ نوڪري ڪندڙ استاد سندس سان فراڊ ڪيو آهي. هن تعليم کاتي جي اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته فراڊ ذريعي رقم ڦٻائيندڙ پرائمري استاد کان رقم ڏياري انصاف فراهم ڪيو وڃي.01