حيدرآباد ۾ اين ٽي ايس پاس ويڪسينيٽرن پاران آفر آرڊر جاري نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

news

حيدرآباد (رپورٽ: رضا عباس حاجاڻو)آچر 14 جولاءِ 2019ع: اين ٽي ايس پاس ويڪسينيٽرن آفر آرڊر جاري نه ٿيڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي اميدوار مختيار رند، بلاول کوسو،رضا عباس ۽ ٻين چيو ته مارچ 2018 ۾ صحت کاتي پاران تمام ضلعن ۾ 1733 اين ٽي ايس ذريعي ڀرتي ڪرڻ جو اشتهار جاري ڪيو ويو.

هنن چيو ته درخواستون جمع ٿيڻ کان پوءِ اهو معاملو سست رفتاري جو شڪار رهيو ۽ 5 مهينن کان پوءِ لکت وارو امتحان ورتو ويو.

هنن چيو ته لکت واري امتحان ۾ 23 هزار کان مٿي اميدوارن شرڪت ڪئي جن مان 3 هزار 2 سو 46 اميدوار پاس ٿيا، هنن چيو ته 4 مهينن کان پوءِ انٽرويو جو سلسلو شروع ٿيو جيڪو 2 هفتن تائين جاري رهيو.

هنن چيو ته انٽرويو کي به 4 مهينا گذري چڪا آهن پر اميدوار اڃا آفر آرڊر جي انتظار ۾ آهن، هنن مطالبو ڪيو ته ويڪسينيٽرن کي هڪ هفتي اندر آفر آرڊر ڏئي ڦهليل بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ پهرين مئي تي وزيراعليٰ هائوس سامهون ڌرڻو هڻي سخت احتجاج ڪيو ويندو.01