ورلڊ ڪپ فائنل، نيوزيلينڊ جو انگلينڊ کي ٻه سئو ٻائتاليهه رنسن جو هدف

news

لارڊز: آچر 14 جولاءِ 2019: آءِ سي سي ورلڊ ڪپ 2019ع جي فائنل ۾ نيوزيلينڊ ميزبان انگلينڊ کي 242 رنسن جو هدف ڏئي ڇڏيو آهي.

فائنل ۾ نيوزلينڊ ۽ انگلينڊ پنهنجي سيمي فائنل جي اليون کي برقرار رکيو.

انگلش ٽيم 1992ع کانپوءِ پهرين دفعو فائنل کيڏي رهي آهي. جڏهن ته نيوزيلينڊ 2015ع ۾ گذريل ورلڊ ڪپ جو فائنل به کيڏي چڪي آهي.

لارڊز جي تاريخي گرائونڊ تي کيڏجندڙ ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي ڪپتان ڪين وليمسن ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرره 50 اوورن ۾ 8 وڪيٽن تي 241 رنسون ٺاهيون.

نيوزيلينڊ جي طرفان هينري نڪولس 55، ٽام ليٿم 47 ۽ ڪين وليمسن 30 رنسن سان نمايان اسڪورر رهيا.

ٻين رانديگرن ۾ مارٽن گپٽل 19، روس ٽيلر 15، جمي نيشم 19، گرانڊ هوم 16 ۽ هينري 4 رنسون ٺاهي پويلين طرف موٽيا.

انگلينڊ جي طرفان ڪرس ووڪس ۽ لائم پلنڪٽ 3، 3 جڏهن ته جوفرا آرچر ۽ مارڪ وڊ 1، 1 وڪيٽ پنهنجي نالي تي ڪئي.