برطانوي اخبار ۾ شهباز شريف تي لڳايل الزام بي بنياد ۽ پروپيگنڊا آهي: مريم اورنگزيب

news

اسلام آباد: آچر 14 جولاءِ 2019: پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان برطانوي اخبار ۾ شهباز شريف تي لڳايل الزامن کي بي بنياد ۽ پروپيگنڊا مهم قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب برطانوي اخبار جي خبر ۾ شهباز شريف تي لڳايل الزامن کي بي بنياد ۽ پروپيگنڊا مهم قرار ڏيندي چيو ته گذريل اڍائي سالن کان الزام ۽ دعويٰ ٻڌي رهيا آهيون. امداد ڏيڻ جو هڪ مڪمل عمل هوندو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته برطانوي اخبار جي خبر ڪوڙي آهي. ڊپارٽمينٽ آف انٽرنيشل ڊولپمينٽ ان خبر کي ڪوڙو قرار ڏنو آهي. شايع ٿيندڙ خبر کان پهرين 5 حصن ۾ شهباز شريف جي ڪارڪردگي ۽ ان جي منصوبن جي تعريف ڪئي وئي. خبر جي مشڪوڪ ذريعن وارن حصن ۾ سڀني سازشي نظريات ۽ الزام لڳايا ويا.

مريم اورنگزيب چيو ته خبر ۾ برطانيا جي ڪنهن سرڪاري رپورٽ جو ذڪر ناهي. خبر من گهڙت، بي بنياد ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهي جيڪو عمران صاحب جي سازشي ذهن جي عڪاسي آهي.

عمران صاحب برطانوي اخبار جي لاهور ۾ ترسيل تڪراري صحافي جي ذريعي بي بنياد، حقيقتن کان برعڪس خبر شايع ڪرائي.

برطانوي اخبار جي خبر ۾ ايمنسٽي انٽرنيشنل سميت ٻين عالمي ادارن ۽ ڊيفيڊ جي طرفان فنڊز جي شفافيت جو اعتراف ڪيو آهي.

هن چيو ته ڪوڙي خبر جي ذريعي برطانوي امدادي اداري کي بدنام ڪرڻ جا هٿڪنڊا اختيار ڪيا ويا. خبر شايع ڪرڻ واري اخبار جي شهرت، ساک ۽ ڪردار سڀئي ڄاڻين ٿا.