مدئجي ۾ زال مڙس جو مائٽن جي ظلم خلاف احتجاج

news

مدئجي:آچر 14 جولاءِ 2019ع: مدئجي جي غريب آباد محلي جي رهواسي سيد فياض شاهه پنهنجي گهرواري مسمات مومل شاهه سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي دانهيو آهي ته اسان ٻنهي 10 مهينا اڳ ناري جي وارثن جي مرضي موجب شادي ڪئي هئي، جنهن بعد ناري جي وارثن مونکي تنگ ڪرڻ بعد اسان خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا هئا، جيڪي ڪورٽ سڳوري ڪوڙا قرار ڏئي ختم ڪندي اسان کي گڏ رهڻ جي اجازت ڏني، عدالت سڳوري ۾ اسان جي وارثن لکي به ڏنو ته آئنده اسان ڪجهه به نه ڪنداسين، ناري مسمات مومل شاهه دانهيندي چيوته هاڻي وري ٻيهر منهنجا ڀائر، چاچا سئوٽ ۽ ڀيڻيووا سيد پرويز شاهه، انصاف شاهه، سرور شاهه، نياز شاهه، فياض شاهه ۽ ٻيا مونکي مڙس سميت مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.

اسان کي هنن مان جان جو خطرو آهي اسان سندن خلاف واس وارن آڏو ڪيترائي ڀيرا دانهيو آهي پر هن وقت تائين اسان جي ڪنهن به ناهي ٻڌي.

هنن چيوته وس وارا توڙي علائقي جا بااثر نوٽيس وٺِي اسان کي ضمانت ڏياري اسان ۾ پيدا ٿيل بي چيني ختم ڪري مرضي موجب زندگي گذارڻ جو حق ڏنو وڃي.

هنن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي شڪارپور سميت وس وارن کي اپيل ڪندي چيوته نوٽيس وٺي ڌمڪيون ڏيندڙ جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري اسان کي انصاف ڏئي تحفظ ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو وڌايو ويندو.01