شهدادڪوٽ ۾ ٻٻر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ سبب نوجوان قتل

news

شهدادڪوٽ:آچر 14 جولاءِ 2019ع: شهدادڪوٽ ۾ ٻٻر برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو، فائرنگ نوجوان قتل، شهر جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ دريا خان مستوئي ويجهو ڀُھ (بوسي) کڻڻ جي معمولي ڳالهه تان ٻٻر برادري جي ٻن ڌرين جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي ۾ فائرنگ سبب 30 ورهين جو نوجوان اربيلو ٻٻر سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي شهدادڪوٽ اسپتال پهچايو ويو، جتان کيس فرسٽ ايڊ ڏئي لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو ته رستي ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، جنهن کي واپس پوسٽ مارٽم لاءِ شهدادڪوٽ اسپتال آندو ويو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

هوڏانهن اسپتال ۾ موجود زخمي جي وارثن ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته ڳوٺ ۾ بُھ وٺڻ جي ڳالهه تان پنهنجي سئوٽ تاج محمد ٻٻر سان منهن ماري ٿي پئي، جنهن کانپوءِ سندس سئوٽ تاج محمد ٻٻر ڳوٺ ٻاهران تاڙ وٺي پنهنجي زمين تي رونبي لاءِ ايندڙ اربيلو مٿان پسٽل جا فائر ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان اربيلو ٻٻر قتل ٿي ويو.

هوڏانهن ٻڌايو وڃي ٿو ته فوتي نوجوان شادي شده ۽ 3 ٻارن جو پيءَ هو، ٻئي پاسي بي سيڪشن پوليس شروعاتي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته آخري اطلاع تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي هئي.01