مورو ۾ ڳوٺاڻن پاران درگاهه جي پلاٽ تي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو

news

مورو:آچر 14 جولاءِ 2019ع: مورو ڀرسان ڳوٺ سردار خان لنڊ ۾ درگاھ سيد ھاشم بخاري جي چوڌاري گندو پاڻي ڇوڙ ڪري درگاھ جي پلاٽ تي قبضو ڪرڻ خلاف درگاھ جي متولي فقير دائم علي لنڊ، نذير علي، سانولي، نديم، جمعو لنڊ، منٺار لنڊ، فتاح خاصخيلي، رمضان خاصخيلي ۽ ٻين پاران احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.

جتي ھنن چيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ درگاھ تمام پراڻي ۽ قديمي آھي، جنھن جي چوڌاري گھر آھن، جن جو گندو پاڻي درگاھ ۾ داخل ٿي رھيو آھي، جنھن جون شڪايتون ڪيون آھن پر ڪو تدارڪ ناھي ٿي سگھيو. جڏھن ته درگاھ جي پلاٽ تي پڻ ڳوٺ جي بااثرن پاران قبضو ڪري ڇڏيو آھي، جنھن شڪايتون انتظاميا کي ڏنيون آھن پر ان باوجود قبضو ختم ناھي ٿي سگھيو، نه وري گھرن مان نڪرندڙ گٽرن جو گندو پاڻي نيڪال ڪيو ويو آھي.

ھنن مطالبو ڪيو ته درگاھ جي چوڌاري بيٺل گندو پاڻي نيڪال ڪري ٿيل پلاٽ تي قبضو ختم ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج وسيع ڪيو ويندو.01