آءِ جي سنڌ جي حڪم تي پ پ جي ڪيترن ئي اسيمبلي ميمبرن جي سيڪيورٽي واپس ورتي وئي

news

ڪراچي:(سومر 15 جولاءِ 2019ع)  آءِ جي سنڌ ڪليم امام جي حڪم تي پ پ جي ڪيترن ئي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن سميت ڪيترين ئي اهم شخصيتن جي سيڪيورٽي واپس ورتي وئي آهي.

حڪومتي، سياسي ۽ ٻين شخصيتن جي سيڪيورٽي تي پوليس هيڊ ڪوارٽر کان اهلڪار مقرر هئا جنهن کي آءِ جي سنڌ جي حڪم تي واپس هيڊ ڪوارٽر طلب ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب پ پ جي جن اسيمبلي ميمبرن جي سيڪيورٽي واپس ورتي وئي آهي ان ۾ مڪاني کاتي جي وزير سعيد غني ۽ صوبائي وزير شهلا رضا به شامل آهن.

ذريعن ٻڌايو ته ٻنهي وزيرن کي  ڏنل اضافي پوليس موبائيلن کي هيڊ ڪوارٽر طلب ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي وزيرن جي زندگين کي خطرن کي نظر ۾ رکندي خصوصي خط جاري ڪيو ويو هو ۽ وزيراعليٰ سنڌ جي حڪم تي ان شخصيتن کي اضافي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي. مڪاني کاتي جي وزير سعيد غني جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته پوليس کان ڪڏهن به اضافي سيڪيورٽي ناهي گهري.

مون کي ۽ شهلا رضا کي پوليس پاڻ ئي اسان جي سيڪيورٽي ۾ اضافو ڪيو ۽ هاڻ سيڪيورٽي واپس ورتي وئي آهي. ذريعن موجب پ پ جي قومي اسيمبلي ميمبر آغا رفيع الله کان به سيڪيورٽي واپس ورتي وئي آهي. ذريعن ٻڌايو ته ڪيترين ئي اهم شخصيتن کي اضافي سيڪيورٽي وزيراعليٰ سنڌ جي حڪم تي ڏني  وئي هئي.