موبائل فون صارفين لاءِ سپريم ڪورٽ وڏي رليف جو اعلان ڪري ڇڏيو

news

اسلام آباد:(سومر 15 جولاءِ 2019ع) سپريم ڪورٽ موبائيل ڪمپنين کي ايڊمنسٽريٽو چارج جي اوڳاڙي کان روڪي ڇڏيو آهي. صارفين کي هاڻي 100 روپين جي ڪارڊ تي 76 ڏهائي 94 بدران 88.9 روپيه ملندا.

سپريم ڪورٽ موبائيل صارفين کي وڏو رليف فراهم ڪيو آهي. موبائيل ڪمپنيون هاڻي موبائيل صارفين کان ايڊمنسٽريٽو چارجز نه ڪاٽينديون. 

سپريم ڪورٽ موبائيل ڪمپنين کي صارفين کان ايڊمنسٽريٽو چارج جي اوڳاڙي کان روڪي ڇڏيو آهي. موبائيل ڪمپنيون صارفين کان 10 سيڪڙو ايڊمنسٽريٽو چارجز اوڳاڙي رهيون هيون.

عدالتي حڪم کانپوءِ موبائيل ڪمپنيون صارفين کي 100 رپين جي ڪارڊ تي 76 ڏهائي 94 بدران 88 ڏهائي 9 رپيه ملندا ۽ موبائيل صارفين کان هاڻي رڳو 12ڏهائي 5 سيڪڙو ايڊوانس انڪم ٽيڪس ڪاٽي ويندي.