لاهور ۾ وحشي جوابدارن ڏهه ساله نينگر کي زيادتي کان پوءِ قتل ڪري ڇڏيو

news

لاهور: (سومر 15 جولاءِ 2019ع) باٽاپور جي علائقي ۾ وحشي جوابدارن 10 ساله نينگر کي زيادتي کان پوءِ قتل ڪري ڇڏيو. لاهور جي علائقي باٽاپور ۾ 10 ساله نينگر کي نامعلوم جوابدارن تشدد جو نشانو بنائڻ ۽ مبينه زيادتي کان پوءِ بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو.

واقعي کان پوءِ علائقي ۾ خوف حراس ڦهلجي ويو آهي. جڏهن ته پوليس ۽ فرانزڪ اهلڪارن واقعي واري هنڌ پهچي شاهديون گڏ ڪري ورتيون آهن.

سبحان احمد گهر کان زمينن طرف ٻڪريون وٺڻ ويو هو ته ان دوران کيس اغوا ڪري قتل ڪيو ويو. نينگر جي مٿي ۽ جسم جي ٻين حصن تي تشدد جا نشان آهن. هو ٽئين ڪلاس جو شاگرد ۽ ماءُ پيءُ جو اڪيلو پٽ هو  جڏهن ته ان کان ننڍي هڪ ڀيڻ به آهي. جڏهن ته نينگر جي فوتگي جي خبر ملندي ئي سندس ماءُ صدمي سبب بيهوش ٿي وئي.

نينگر جي پيءُ امجد جو چوڻ آهي ته منهنجي دنيا تباهه ٿي وئي آهي سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ جلد ئي جوابدارن کي گرفتار ڪري وٺنداسين.