ليمي ۽ ماکي جا حيران ڪندڙ فائدا

news

ڪراچي: (سومر 15 جولاءِ 2019ع) ماکي هڪ بهترين غذا آهي جيڪا نه صرف ٻارن پر وڏن ۾ به تمام گهڻي مشهور آهي. پراڻي دور کان وٺي ماکي کي گهڻين بيمارين جي لاءِ شفا تصور ڪيو ويندو آهي ۽ ان جو شمار ان ڪجهه شين ۾ ٿيندو آهي جنهن کي هڪ ئي وقت غذا ۽ دوا جي طور تي استعمال ڪري سگهجي ٿو.

ٻئي طرف ليمو جنهن کي وٽامن جو خزانو به چيو ويندو آهي. هر گهر جي ضرورت آهي ۽ روزاني جي کاڌي پيتي جي مختلف طريقن ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي. ليمي ۽ ماکي کي ملائي استعمال ڪرڻ سان حيران ڪندڙ فائدا حاصل ڪري سگهجن ٿا. ڏٺو وڃي ته ماکي ۽ ليمي ۾ مٺو ڪافي مقدار ۾ هوندو آهي پر ان ۾ ڪيلوريز گهٽ مقدار ۾ هوندي آهي ۽ ان ۾ ملندڙ نمڪيات ۽ وٽامن معدي کي ڀريل هجڻ جو احساس ڏياريندا آهن.

ليمي ۽ ماکي جو مرڪب خوراڪ کي جلد هضم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو آهي ان ڪري وزن گهٽ ڪرڻ جي لاءِ به ان جو استعمال هڪ بهترين ترڪيب آهي. کنگهه نه ڇڏڻ سبب ان جو بهترين علاج ليمي ۽ ماکي جو مرڪب آهي. ساهه ۾ ٿيندڙ جلن کي به ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ليمي ۽ ماکي جو آهي.ان سان گڏ بدهضمي ۽ بيڪٽيريا کان به بچائيندو آهي.