پوليس ۾ اعليٰ سطحي بدليون ۽ مقرريون، ڪراچي پوليس چيف امير شيخ کي عهدي تان هٽايو ويو

news

ڪراچي: (سومر 15 جولاءِ 2019ع) سنڌ پوليس ۾ اعلي سطحي بدليون ۽  مقرريون ڪيون ويون آهن.  جنهن ۾ ڪراچي پوليس جي چيف امير شيخ کي عهدي تان هٽايو ويو آهي. 

رپورٽ موجب سنڌ پوليس ۾ اعليٰ سطح تي مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن جنهن تحت 7 اعليٰ پوليس آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن. ان حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب گريڊ 21 جي آفيسر ڪراچي پوليس چيف ڊاڪٽر امير شيخ جي بدلي ڪري کيس ايڊيشنل آءِ جي آپريشن مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته سندس جڳهه تي گريڊ 21 جي آفيسر غلام نبي ميمڻ کي ڪراچي پوليس جو نئون سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي.

ان کان علاوه ايڊيشنل آءِ جي حيدرآباد غلام سرور جمالي کي عهدي تان هٽائي سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن کي رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي جڏهن ته ان جي جڳهه تي ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل برانچ جون ذميواريون ادا ڪندڙ 21 گريڊ جي پوليس آفيسر ولي الله دل کي ايڊيشنل آءِ جي حيدرآباد مقرر ڪيو ويو آهي. پوليس سروس پاڪستان جي عمران يعقوب منهاس کي گريڊ 21 ۾ ترقي ڏئي ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل برانچ مقرر ڪيو ويو آهي

جڏهن ته گريڊ 20 جي آفيسر فرحت جوڻيجو کي ڊي آءِ جي اسپيشل برانچ مقرر ڪيو ويو آهي. پوليس سروس جي 20 گريڊ جي آفيسر قمرزمان کي ڊي آءِ جي ٽريفڪ، لائسنس ۽ ٽريننگ برانچ مقرر ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته گذريل سال ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي مشتاق مهر جي بدلي ڪري ان جي جڳهه تي پوليس سروس آف پاڪستان جي 21 گريڊ جي آفيسر امير شيخ کي ڪراچي پوليس جو سربراهه مقرر ڪيو ويو هو. هن 11 مهينن تائين ذميواريون سنڀاليون.