شاهه رخ خان مٿان شان جي تنقيد: ڀارتي مداح گُٿا لفظ استعمال ڪرڻ تي لهي آيا

news

ڪراچي: (سومر 15 جولاءِ 2019ع) پاڪستاني سپر اسٽار شان شاهد کي (لائن ڪنگ) جي هندي ورزن ۾ شاهه رخ خان جي آواز تي تنقيد ان وقت مهانگي پئجي وئي. جڏهن ان جي ٽوئيٽ جي جواب ۾ هندستان جي ڪنگ خان جي مداحن کيس تنقيد جو نشانو بنايو ۽ کيس سڌيون سڌيون ٻڌايون. ڪنگ خان جا ڪجهه چاهيندڙ ته گاريون ڏيڻ شروع ٿي ويا.

19 جولاءِ تي سموري دنيا سميت هندستان ۽ پاڪستان ۾ به (ڊزني) جي مشهور فلم(لائن ڪنگ) رليز ٿيڻ واري آهي جنهن جي هندي ڊبنگ ۾ مفاسا ۽ سمبا نالي شينهن جي آوازن تي شاهه رخ خان ۽ سندس وڏي پٽ آريان خان وائس اوور ڏنو آهي ان باري ۾ 10 جولاءِ تي ڪنگ خان هن فلم جي هڪ ڪلپ شيئر ڪئي.  جنهن تي تبصرو ڪندي شان شاهد لکيو ته مهرباني ڪري هڪ يادگار فلم کي هندي ڊبنگ سان تباهه نه ڪريو.

شاهه رخ خان جي آواز ڪنهن ٻئي فلم جي لاءِ ان جي وائس اوور کان مختلف ناهي. شينهن جي ڊبنگ ڪرڻ جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي آوازجي انداز کي ته بدلي وٺو ها. شان جو اهو تبصرو ڀارتي  مداحن کي ايترو چڙ ڏياريندڙ لڳو جو هنن الٽا سڌا ڪمينٽس ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.