ڪراچي جي ڳوٺ محمد حسن بروهي جي پرائمري اسڪول ۾ استاد مقرر نه ٿيو، ٻارڙن جو احتجاج

news

ڪراچي:سومر 15 جولاءِ 2019ع: ڪراچي پي ايس ھڪ سو ٻاويھ سرجاني ٽائون جي علائقي محمد حسن بروھي ڳوٺ ۾ 2007 کان قائم اسڪول حڪومت جي لاپرواھي ۽ غفلت سبب اسڪول تباھي جي ڪناري تي پھچي ويو.

اسڪول ۾ 100 کان وڌيڪ معصوم ٻارڙا ھن اسڪول ۾ تعليم پرائي رھيا آھن. علائقي واسي پرائيويٽ اسڪولن بدران اڄ به سرڪاري اسڪولن جو رخ ان لاءِ ڪري رھيا آھن ته ھن مھانگائي جي دور ۾ مھيني جي فيس جا پئسا بچي سگھن، علائقي واسين امير علي، شفيع محمد، غفار احمد، جابر حسين ۽ اسڪول جي معصوم ٻارڙن جو اي ڊي او سرجاني ٽائون ۽ سپر وائيزر خلاف احتجاج ڪندي گڏاپ نيشنل پريس ڪلب جي صحافين کي ٻڌايو ته 2007 ۾ ان وقت جي يوسي ناظم عبدالغني گبول، يوسي ناظم عبدالستار بروھي اسان جي ڳوٺ لاءِ ھي اسڪول ٺھرائي ڏنو، جنھن ۾ 2 ماستر اسڪول ۾ مقرر ٿيل ھئا، جيڪي ھاڻي گذريل ڪيترن ئي مھينن کان اسان جي اسڪول ۾ اچڻ ڇڏي ڏنو آھي، اسان جي ڳوٺ جا معصوم ٻارڙا روزانو اسڪول اچن ٿا جن کي ڳوٺ جو چوڪيدار تندرستي عمل ڏيندو آھي.

اسان جي معصوم ٻارڙن جا پورا ٽي سال خراب ٿي ويا آھن، جيڪو ٻارڙن پڙھيو اھو به انھن کان وسري ويو آھي، تعليم جي ايمرجنسي جي دعويٰ ڪندڙ تعليم جو وزير کي ھن طرف به ڌيان ڏيڻ گھرجي، اسان جي معصوم ٻارڙن  جو مستقبل داءَ تي لڳل آھي، بائيو ميٽرڪ باوجود اسڪول ۾ مقرر ماستر گھر وٺي پگھارون کڻڻ پيا، جن کان ڪير به پڇڻ وارو ناھي.

ھنن سنڌ حڪومت، تعليم جي وزير کان ٽي ايڇ او سرجاني ٽائون ۽ ٻين عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري اسان جي معصوم ٻارڙن جو مستقبل تباھ ٿيڻ کان بچي سگھي ۽ ھو علم جي روشني سان پڙھي اڳتي وڌي پنھنجو ۽ پنھنجي ملڪ جو نالو روشن ڪري سگھن.01