ڏوڪري جي سيهڙ پوليس پاران مختلف ڪيسن ۾ گهربل جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

news

ڏوڪري: سومر 15 جولاءِ 2019ع:ڏوڪري تعلقي جي يوسي سيهڙ پوليس جي ڪارروائي مختلف ڪيسن ۾ روپوش اشتهاري گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ.

تفصيل موجب ڏوڪري تعلقي جي يوسي سيهڙ اسٽيشن جي پوليس مختلف ڪيسن ۾ روپوش اشتهاري ڏوهاري جلال احمد عمراڻي کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي.

ايس ايڇ او سيهڙ زبير سومرو ميڊيا کي ٻڌايو آھي ته گرفتار اشتهاري ڏوهاري جلال عمراڻي جي مٿان سيهڙ ٿاڻي جهيڙو ۽ فراڊ جا ڪيس داخل هئا.

هن وڌيڪ چيو ته اسان سوني موري وٽان ڪارروائي ڪري جلال عمراڻي کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آھي، جنهن کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.01