ڪوٽڙي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب زخمي ٿيل نينگر جي ٻانهن ضايع، هڪ ٽنگ ڪٽڻ جو امڪان

news

ڪوٽڙي: سومر 15 جولاءِ 2019ع:بجلي جي تارن ۾ وچڙي سڙي زخمي ٿيل ڪوهستان جو معصوم ڌنار قاسم باريجو جي ٻانھ ڪٽجي وئي، ٽنگ به ڪٽجڻ جو امڪان، زندگي خطري ۾، ٿاڻي بولاخان جي ڪوهستاني علائقي ڳوٺ نبي بخش باريجو جو رهواسي مائٽن جو اڪيلو پٽ مال چاريندڙ ڌنار 11 سالن جو قربان باريجو ولد عبدالغفور باريجو 13 جولاء تي بجلي جي ڪريل تارن ۾ وچڙي سڙي زخمي ٿي پيو، جنهن کي پهريان ٿاڻي بولاخان اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ٻيهر سول اسپتال حيدرآباد ريفر ڪيو ويو اتي به نينگر جي حالت بدستور ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري نينگر کي ڪراچي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي.

جتي نينگر کي برنس وارڊ ۾ رکيو ويو آھي، نينگر جي کاٻي ٻانھ ۽ ٽنگ سڙي وڃڻ ڪري ڊاڪٽرن نينگر جي کاٻي ٻانھ ڪلهي تائين ڪٽي ڇڏي آھي، نينگر جي حالت ڳڻتي جوڳي آھي، جڏهن ته نينگر جي ٻانھ ڪٽجڻ کانپوءِ ڊاڪٽرن سندس کاٻي ٽنگ به خراب ڄاڻائي ڪٽڻ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آھي، نينگر جي ٻانھ ڪٽجڻ ۽ ٽنگ امڪاني طور ڪٽڻ تي مائٽن ۾ مايوسي واري صورتحال ڇانيل آهي.

نينگر کي پاڙي جي سماجي ورڪرن عالم باريجو، ربنواز باريجو ۽ ٻيان چندو ڪري ڪراچي کڻائي ويا پر حيسڪو جي عملدارن متاثر خاندان جي ڪا واهر نه ڪئي آھي، غريب خاندان ڪراچي ۾ دربدر آھي، جڏهن ته نينگر جا وارث غربت ۽ ڏڪار جا ماريل مسڪين بي يارومددگار بڻيل آھن.

هوڏانهن نينگر جي والد عبدالغفور باريجو دانهيندي ٻڌايو ته مون سان وڏو ناحق ٿيو آھي، اڪيلو پٽ بجلي وارن جي نااهلي سبب موت جي مونھ ۾ آھي پٽ جي هڪ ٻانھ ڪٽي ڇڏي اٿن ٽنگ به ڪٽڻ جو ٻڌايو اٿن، مون سان انصاف ڪيو وڃي.

هوڏانهن ڳوٺاڻن چيو ته حيسڪو  چيف، ايڪسئين، ايس ڊي او خلاف جل عدالت ۾ ڪيس داخل ڪرائينداسين، ٻئي پاسي نينگر ڪراچي جي سول اسپتال ۾ زير علاج هيٺ آھي، جيڪو زندگي ۽ موت جي جنگ وڙھي رهيو آھي.01