شهباز شريف مون تي ڪيس ڪري، هڪ هڪ ثبوت عدالت ۾ پيش ڪندس: شهزاد اڪبر

news

اسلام آباد: سومر 15 جولاءِ 2019: وزيراعظم جي احتساب واري صلاحڪار بئريسٽر شهزاد اڪبر پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف کي چئلينج ڪيو آهي ته ڊيلي ميل جي رپورٽ ڪوڙي آهي ۽ هو عدالت ۾ مون کي منهن ڏين، هڪ هڪ ثبوت پيش ڪندس.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شهزاد اڪبر ان حوالي سان رسيدون به ڏيکاريون ۽ چيو ته مني لانڊرنگ جي سڀئي ڪهاڻيون سامهون اچي چڪيون آهن.

حمزه ۽ سلمان شهباز جا پجانوي سيڪڙو اثاثا جعلي ٽي ٽيز جي ذريعي ٺهيا. چوري جا پئسن سان ٺاهيل مال قانون جي مطابق ضبط ٿيندا.

بئريسٽر شهباز اڪبر چيو ته گذريل ڏينهن برطانوي رسالي ۾ شريف خاندان کي مني لانڊرنگ جو انڪشاف ٿيو. اسٽوري جي حوالي سان اليڪشن ڪمپين جي دوران پراڻي فوٽو ڏيکاري وئي. مون تي اسٽوري جو الزام لڳايو ويو آهي. ڪوڙ ڳالهائڻ جي به ڪا حد هوندي آهي.

هن چيو ته ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ باقي جعلي ڪمپنين جي باري ۾ به ٻڌائيندس. لٽيل مال ايندڙ ڏينهن ۾ برآمد ٿيندو ۽ چوري ڪيل پئسن مان ٺاهيل مال ۽ گهر ضبط ٿيندا.

هن وڌيڪ چيو ته گذريل ڏينهن شهباز شريف منهنجي ۽ برطانوي رپورٽر جي خلاف هتڪ عزت جي وڏي دعويٰ ڪئي. الله جي واسطي ان دعويٰ کي آصف زرداري جي طرح روڊن تي گهلڻ وارو نه ڪجو. توهان جي مهرباني ٿيندي منهنجي خلاف لنڊن ۾ ڪيس ڪريو. آئون توهان جي هڪ هڪ ٽي ٽيز عدالت ۾ پيش ڪندس.