برطانوي اخبار ۾ خبر لڳائڻ شهزاد اڪبر جو ڪارنامو آهي: شاهد خاقان عباسي

news

اسلام آباد: سومر 15 جولاءِ 2019: اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر شاهد خاقان عباسي هڪ دفعو وري الزام لڳايو آهي ته برطانوي اخبار ڊي ميل ۾ شهباز شريف جي خلاف خبر لڳائڻ وزيراعظم جي معاون خصوصي شهزاد اڪبر جو ڪارنامو آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن جو چوڻ هو ته ذاتي رنجش ۾ ان حد تائين نه وڃڻ گهرجي. جنهن فنڊ جو جو الزام لڳايو پيو وڃي ان سان شهباز شريف جو ڪو به تعلق ناهي.

وزيراعظم عمران خان ۽ احتساب جي صلاحڪار شهزاد اڪبر وٽ ثبوت آهن ته نيب کي ڏين. نويد اڪرام پنجاب پاور ڪمپني ۾ ٿو، ان کي شهباز شريف ڪرپشن تي ڪڍيو هو. ان کان 40 ڪروڙن جي رڪوري ٿي هئي.

اڳوڻي وزيراعظم جو وڌيڪ چوڻ هو ته امداد ڏيڻ واري برطانوي اداري کي به نشانو بڻايو پيو وڃي. شهباز شريف هتڪ عزت جي دعويٰ ڪئي، وزيراعظم عمران خان جو وڪيل پيش نه ٿيو.

شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هو ته شهباز شريف برطانوي عدالت ۾ هتڪ عزت جي دعويٰ ڪري رهيو آهي. شهزاد اڪبر ٻڌائي ٻاهرين ملڪ دورن تي ڪيترا پئسا خرچ ڪيا.

پريس ڪانفرنس هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته عمران خان مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ اڳوڻي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف تي 10 ارب رپين جي پيشڪش جو الزام لڳايو هو، اهو به صرف الزام ئي نڪتو.

هن چيو ته ايرا جي فنڊز سان پنجاب حڪومت جو ڪو به تعلق نه هو. عجيب تماشو، عجيب ڪوڙ، جيڪڏهن ايرا جي خلاف ڪيس ٺاهڻا آهن ته پوءِ پرويز مشرف جي خلاف به ٺاهيو وڃي.