جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ گرفتار سنڌ بئنڪ جا ٽي اعليٰ آفيسر ڏهن ڏينهن جي رمانڊ تي نيب حوالي

news

اسلام آباد: سومر 15 جولاءِ 2019: جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ ڪراچي مان گرفتار ڪيل سنڌ بئنڪ ٽي اعليٰ آفيسر بلال شيخ، طارق احسن ۽ نديم الطاف کي اسلام آباد جي احتساب عدالت نمبر هڪ ۾ پيش ڪيو ويو.

عدالت سنڌ بئنڪ جي ٽنهي آفيسرن کي ڏهن ڏينهن جي رمانڊ تي نيب جي حوالي ڪري ڇڏيو.

ياد رهي ته نيب راولپنڊي ٽنهي بينڪرز کي ڪراچي ۽ لاهور ۾ ڇاپا هڻي 10 جولاءِ تي گرفتار ڪيو هو. جنهن بعد انهن کي اسلام آباد منتقل ڪيو ويو هو.