حيدرآباد ۾ لطيف آباد جي رهواسين پاران گهرڊاهڻ جا نوٽس ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

news

حيدرآباد(رپورٽ: رضا عباس حاجاڻو)سومر 15 جولاءِ 2019ع:حيدرآباد جي علائقي لطيف آباد نمبر هڪ رهواسي مرد ۽ عورتن ريلوي اختيارين پاران گهرڊاهڻ جا نوٽس موڪلڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهروڪري ڌرڻو، شيخ رشيد خلاف سخت نعري بازي. تحفظ جو مطالبو.

ان موقعي تي مظاهرين عباس چانڊيو، حميد ميمڻ، سڪندر جٽ، شهريار شيخ ۽ ٻين چيو ته اسين هن علائقي ۾ 50 سالن کان رهي رهيان آهيون. جڏهن ته ريلوي انتظاميا کين 16 جولاءِ تائين گهر خالي ڪرڻ جا نوٽس جاري ڪيا آهن.

ٻئي صورت ۾ گهر ڊاهي پٽ ڪرڻ جو چيو ويو آهي. هنن چيو ته حڪومت هڪ طرف ماڻهن کي گهر ٺاهي ڏيڻ جون داوائون ڪري رهي آهي ته ٻئي طرف ڪيترن سالن کان ريلوي جي ڪچي آبادين ۾ رهندڙ غريبن جا گهر ڊاهي پٽ ڪيا پيا وڃن.

هنن چيو ته ريلوي اختيارين پاران گهر ڊاهڻ جي صورت ۾ هو بي گهر ٿي ويندا سندن وٽ نه زمين آهي نه وري گهر ٺهرائڻ لاءِ لکين رپيا آهن. جو هو نوان گهر ڊاهي پنهنجي ٻچن کي اجهو ڏئي سگهن. هنن چيوته هو ڪنهن صورت ۾ گهر خالي نه ڪندا جيڪڏهن ريلوي انتظاميا سڀاڻي گهر ڊاهڻ آئي ته نقصان جي ذميوار عمران خان جي حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا حيدرآباد هوندي.

هنن مطالبو ڪيو ته گهر ڊاهڻ کان پهريان متبادل زمين تي گهر ٺاهي  ڏنا وڃن، هنن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته ڄاڻايل معاملي جو نوٽيس وٺي سندن جا گهر بچائي ساڻن انصاف ڪيو وڃي.01