ايف بي آر مريم نواز تي ٽيڪس لاڳو ڪري ڇڏيو

news

لاهور: سومر 15 جولاءِ 2019: ٽيڪس نه ڏيندڙن جي خلاف ايف بي آر جي ڪاررواين ۾ تيزي اچي وئي آهي. شريف فيملي کي به ٽيڪس جمع ڪرائڻ جي لاءِ نوٽيسز موڪليا آهن.

مريم نواز ۽ نصرت شهباز کي ٽيويهه جولاءِ تائين مهلت ڏني وئي آهي. شريف خاندان نيب کانپوءِ هاڻ ايف بي آر جي نشاني تي اچي ويو.

ذريعن موجب مريم نواز ۽ نصرت شهباز کي انڪم سپورٽ ليوري ٽيڪس ٻه هزار تيرنهن جمع ڪرائڻ جي لاءِ نوٽيسز موڪليا ويا آگهن. مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز تي ٻارنهن لک ستونجاهه هزار ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي. تيرنهن ڪروڙ چوڏنهن لک رپين جي منقولا اثاثا رکڻ جي مد ۾ ڇهه لک ستونجاهه هزار انڪم سپورٽ ليوي ۽ ڇهه لک ڊيفالٽ سرچارج ادا ڪرڻا پوندا.

جڏهن ته پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف جي زال نصرت شهباز کي هڪ ڪروڙ نوي لک ٻائتاليهه هزار جي اثاثا رکڻ تي نوي هزار ٻه سئو ڏهه رپيا ٽيڪس ادا ڪرڻ جو نوٽيس موڪليو ويو آهي.

ايف بي آر جي طرفان مريم نواز ۽ نصرت شهباز کي ٽيڪس جمع ڪرائڻ جي لاءِ ٽيويهه جولاءِ تائين مهلت ڏني وئي آهي. مقرره وقت تي ٽيڪس ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ اڪائونٽس منجمد ڪري رڪوري ڪئي ويندي.