ڄامشورو ۾ سي آءِ اي پوليس جي ڪارروائي، مزدا مان نوي ڪٽا نشي آور سوپارين ۽ چرس جا هٿ، ڊرائيور گرفتار

news

ڄامشورو: سومر 15 جولاءِ 2019ع:ايس ايس پي ڄامشورو توقير محمد نعيم جي هدايتن تي منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف پوليس جون ڪارروائيون جاري آهن.

ان سلسلي ۾ سي آءِ اي پوليس ڄامشورو جي انڊس هاءِ وي اڪرو ٽول پلازه وٽ ڪراچي کان لاڙڪاڻي ويندڙ مزدا مان لکين رپين جي ماليت جا 90 ڪٽا نشي آور شين سان ڀريل ۽ چرس هٿ ڪري ڊرائيور گرفتارڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

سي آءِ اي پوليس جي انچارج سرور راهپوٽو ۽ اصغر پنهور جي اڳواڻي  ۾ پوليس ڳجھي اطلاع ملڻ تي ڪراچي کان لاڙڪاڻو ويندڙ مزدا کي روڪي تلاشي ورتي جنهن ۾ ڪراچي کان لاڙڪاڻو منتقل ڪرڻ لاءِ نشي آور شيون ۽ هڪ ڪلو 2 سئو گرام چرس هٿ ڪري مزدا ڊرائيور محمد نديم بروهي کي گرفتار ڪري ڄامشورو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.

سي آءِ اي انچارج سرور راهپوٽو صحافين کي ٻڌايو ته اهي نشي آور شيون مين پوڙي ۽ گٽڪو وغيره ۾ استعمال ڪيون وينديون آھن جن جي قيمت تقريبن  10 لک جي ٿئي ٿي جڏھن ته مزدا جو ڪلينڊر ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو جهن جي ڳولا  جاري آھي.01