تعليمي سفر جي ڪاميابيءَ ۾ حاضريءَ کي بنيادي حيثيت حاصل آهي: ڊاڪٽر فتح محمد برفت

news

ڄامشورو: سومر 15 جولاءِ 2019ع:تعليمي سفر جي ڪاميابيءَ ۾ حاضريءَ کي بنيادي حيثيت حاصل آهي. پابنديءَ سان ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ کان سواءِ تعليم جو اصل مقصد ماڻي نٿو سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف انگلش لينگئيج اينڊ لٽريچر، انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊيزائن ۽ انسٽيٽيوٽ آف انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن جي دؤري دؤران شاگردن ۽ استادن سان ڳالهائيندي ڪيو.

وائيس چانسلر چيو ته يونيورسٽيءَ ۾ ڪلاسز شروع ٿي ويا آهن، سمورا شاگرد پابنديءَ سان ڪلاس اٽينڊ ڪن ۽ حاضريءَ کي هر صورت ۾ يقيني بڻائين. هن مختلف شعبن جي دؤري دؤران حاضريءَ جا رجسٽر چيڪ ڪيا، شعبن جي سربراهن توڙي استادن کان تدريسي عمل بابت ڄاڻ ورتي ۽ شاگردن سميت ملازمن جي وقت جي پابنديءَ سان حاضريءَ کي هر صورت ۾ يقيني بڻائڻ ۽ ڪلاسز مقرر ڪيل ٽائيم ٽيبل مطابق هلائڻ جون هدايتون جاري ڪيون. ان موقعي تي لاڳاپيل شعبن جا سربراهه پروفيسر ڊاڪٽر رفيق احمد ميمڻ، پروفيسر سعيد احمد منگي ۽ پروفيسر ڊاڪٽر امداد علي اسماعيلي پڻ موجود هئا.01