چوري ۽ سينا زوري هاڻي نه هلندي، ڦريل مال واپس ڪرڻو پوندو: فردوس عاشق

news

اسلام آباد: (اڱارو 16 جولاءِ 2019ع)  سُڌ سماءَ بابت وزيراعظم جي خاص صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته چوري ۽ سينا زوري واري سياست هاڻ نه هلندي، عوام جو ڦريل مال هاڻي واپس ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي پهرين حڪومت آهي جيڪا چورن کي گهرن تائين پهچائي رهي آهي.

ٽويٽر تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو ته شاهد خاقان عباسي جو چئلينج قبول آهي، چوريءَ جو پيرو برطانيا وڃي رهيو آهي اڃا ٻين ملڪن تائين به ويندو ۽ انڪشاف ٿيڻا باقي آهن.

هن چيو ته پهرين حڪومت آهي جيڪا چورن کي گهرن تائين پهچائي رهي آهي، چوري ۽ سينا زوري هاڻي نه هلندي، ڦريل مال هاڻي واپس ڪرڻو پوندو ڇو ته هي 22 ڪروڙ عوام جو ڪيس آهي.

سندس چوڻ هو ته شاهد خاقان عباسي صاحب شهباز شريف جيڪو چوي ٿو اهو ڪندو ناهي، هن آصف زرداري کي روڊن تي گهلڻ جي ڳالهه ڪئي پر سيني سان لاتو، ٽڪي جي ڪرپشن ثابت ٿيڻ تي سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪيو جڏهن ته بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم نه ٿيڻ تي نالو تبديل ڪرڻ جو واعدو به وساري ويٺو.