جج ارشد ملڪ جي وڊيو اسڪينڊل بابت ٻڌڻي ٽيويهه جولاءِ تائين ملتوي

news

اسلام آباد: (اڱارو 16 جولاءِ 2019ع)  سپريم ڪورٽ جج ارشد ملڪ جي وڊيو اسڪينڊل تي اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪري ڪندي تجويزون طلب ڪري ورتيون، چيف جسٽس آصف سعيد کوسا چيو آهي ته آزاد ماڻهو پاڻ ڪم ڪندا آهن، ڪنهن جي چوڻ تي نه ڪندا آهن، ڪميشن ٺهي وئي ته سندس راءِ ثبوت نه هوندي.

  چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهيءَ ۾ جسٽس عظمت سعيد ۽ جسٽس عمر عطا بنديال تي ٻڌل بئنچ احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ جي وڊيو اسڪينڊل بابت ٻڌڻي ڪئي.  درخواست ڪندڙ اشتياق مرزا جي وڪيل منير صادق پنهنجي دليلن ۾ موقف اختيار ڪيو ته الزام هنيو ويو ته جج فيصلو ڪنهن جي اشاري تي ڏنو، جج الزام جي ترديد ڪئي آهي، جج چيو ته وڊيو جي مختلف حصن کي جوڙيو ويو آهي، جج ارشد ملڪ پنهنجي حلفي بيان ۾ بليڪ ميلنگ جا تفصيل ٻڌايا،  عدالت تي سنگين الزام عوامي مفاد جو معاملو آهي، وزيراعظم به عدليه کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي، چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ به جاچ جي ڳالهه ڪئي آهي،  سياسي پارٽين به عدالت کان جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.

منير صادق جي دليلن تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته آزاد ماڻهو پاڻ ڪم ڪندا آهن ڪنهن جي چوڻ تي نه ڪندا آهن، پاڻمرادو نوٽيس عدالت پاڻ وٺندي آهي،  ڪنهن جي ڊمانڊ تي ورتل نوٽيس پاڻمرادو نه هوندو آهي، توهان جي درخواست به اها آهي ته جج ڊمانڊ تي نه هلن، ماڻهن جي چوڻ تي نوٽيس وٺڻ سان عدالت جي آزادي تي سوال نه اٿندا،  توهان جي ڪهڙي تجويز آهي، عدالت ڇا ڪري.  چيف جسٽس جي پڇاڻي تي منير صادق چيو ته عدليه جي آزادي لاءِ ڪيترن ئي قدمن جي ضرورت آهي، عدالت جوڊيشل انڪوائري ڪرائي ته وڌيڪ بهتر آهي، انڪوائري ڪميشن ۾ جيڪو چاهي بيان قلمبند ڪرائي، انڪوائري ڪميشن الزامن ۽ جواب جي سچائي جو فيصلو ڪندي، بهتر هوندو ته ڪو جج ڪميشن جي سربراهي ڪري.

چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ذميوار ماڻهو عام طور تي بيان ڏيڻ کان پاسو ڪندا آهن، اهو چوڻ درست ناهي ته سڀ وڪيل، جج، پوليس ۽ سياستدان خراب آهن، جيڪي ماڻهو خراب نه آهن تن جي دل آزاري ٿيندي آهي، انسان جي پيدائش کان سچ جي ڳولا جاري آهي، سچ عدالت ڳوليو ته اپيل آڻيندڙ ڇا ڪندا، ڪميشن ٺهي وئي ته راءِ ثبوت نه هوندي. سپريم ڪورٽ جج ارشد ملڪ جي وڊيو اسڪينڊل بابت ٻڌڻي 23 جولاءِ تائين ملتوي ڪندي اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪندي تجويزون طلب ڪري ورتيون.