ڊيگاري ۾ ڪوئلي جي کاڻ اندر ڦاٿل چئن مزدورن جون لاشون ڪڍيون ويون

news

ڪوئٽه: (اڱارو 16 جولاءِ 2019ع) ڊيگاري ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڦاٿل 4 مزدورن جون لاشون ڪڍيون ويون آهن جڏهن ته ٻين مزدورن کي ڪڍڻ جي لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي.

رپورٽ موجب بلوچستان جي علائقي ڊيگاري ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڦاٿل مزدورن کي ڪڍڻ جي لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي. ذريعن موجب ڪوئلي جي کاڻ ۾ 41 ڪلاڪن کان پوءِ 4 مزدورن جون لاشون ڪڍيون ويون آهن جڏهن ته هڪ مزدور کي زنده ڪڍيو ويو آهي جنهن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي کيس سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

مائنز اختيارين موجب کاڻ جي گهرائي 4500 فوٽ آهي جڏهن ته ٻين مزدورن کي ڪڍڻ ۾ امدادي ٽيمن کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. مزدورن کي ڪڍڻ جي لاءِ ويندڙ 8 مان 3 ڄڻا بيهوش ٿي ويا آهن.

ٻئي طرف بلوچستان جي وڏي وزير جي هدايتن تي صوبائي ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي جي ٽيم ڊيگاري پهچي وئي آهي ۽ ريسڪيو آپريشن ۾ حصو وٺي رهي آهي.