فلم ۽ اسٽيج جي مشهور اداڪاره تبارڪه کي موتمار ڌمڪيون ملڻ لڳيون

news

لاهور: (اڱارو 16 جولاءِ 2019ع) فلم ۽ اسٽيج جي مشهور اداڪاره تبارڪه کي موتمار ڌمڪيون ملڻ لڳيون آهن. اداڪاره تبارڪه صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته مون کي نامعلوم نمبرن تان فون اچي رهيا آهن ۽ شوبز ۾ ڪم ڪرڻ کان روڪيو پيو وڃي.

اداڪاره جو چوڻ هو ته جڏهن آئون پنهنجي گهر وارن سان گڏ گهر کان ٻاهر نڪرندي آهيان ته نامعلوم نمبر پليٽ واريون گاڏيون منهنجو پيڇو ڪنديون آهن. تبارڪه جو چوڻ هو ته پوليس کي به رپورٽ ڪئي آهي پر اڃان تائين ڪابه خبر نه پئجي سگهي آهي.

هن چيو ته جيڪڏهن ڪم نه ڪندس ته گهر جو خرچ ڪٿان هلائيندس. تبارڪه پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ۽ سمورن سيڪيورٽي ادارن کي اپيل ڪئي آهي ته فنڪارن جون زندگيون بچايون وڃن ۽ بليڪ ميلرن کي گرفتار ڪري سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.