اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري باوجود ڀارت افعان امن عمل مان ٻاهر ٿي ويو: ٽائيمز آف انڊيا

news

اسلام آباد: (اڱارو 16 جولاءِ 2019ع) سفارتي محاذ تي پاڪستان کي وڌيڪ هڪ وڏي ڪاميابي ملي آهي ۽ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري باوجود ڀارت افعان امن عمل مان مڪمل طور ٻاهر ٿي ويو آهي، وزيراعظم عمران خان جي آمريڪي دوري سان ڀارت ۾ ڳڻتي جي لهر ڊوڙي وئي آهي.

ڀارتي اخبار ٽائمز آف انڊيا افغان امن عمل ۾ ڀارت جي مڪمل طور ٻاهر ٿيڻ تي پاڪستان جي سفارتي ڪاميابي قبول ڪندي وزيراعظم عمران خان جي آمريڪي دوري کي ڀارت لاءِ پريشان ڪندڙ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ڀارتي اخبار اعتراف ڪيو ته افغان امن عمل جي نتيجي ۾ پاڪستان، آمريڪا، روس ۽ چين سان گڏجي طالبان سان امن ٺاهه کي آخري شڪل ڏئي رهيا آهن. ٻئي طرف اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري ۽ گهرا مفاد هئڻ باوجود ڀارت جي وجود کي مڪمل طور نظرانداز ڪيو ويو آهي.

ٽائيمز آف انڊيا به اهو به لکيو آهي ته سموري افغان عمل ۾ هندستان نه نظر اچي ٿو ۽ نه وري سندس خدشن جو ڪو نشان ملي ٿو، تازي صورتحال مان واضح آهي ته پاڪستان خطي ۾ مرڪزي حيثيت اختيار ڪري ويو آهي، ڀارت کي افغانستان جي مستقبل بابت فيصلو ڪرڻ جي عمل کان ٻاهر ڪيو ويو آهي. اخبار وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته پاڪستان خطي جي جيو پوليٽڪس ۾ سينٽر اسٽيج جي حيثيت اختيار ڪري ويو آهي ۽ ان حوالي سان ڀارتي ڳڻتي تي ڪنهن به سطح تي سنجيدگيءَ جو اظهار نه پيو ڪيو وڃي. 

ٽائيمز آف انڊيا لکيو آهي ته پاڪستان صورتحال مان مڪمل طور مطمئن  ۽ خوش نظر اچي رهيو آهي، آمريڪا ۽ سندس اتحادي سعودي عرب، امارات ۽ قطر  پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪري رهيا آهن، آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ امدادي پئڪيج جاري ڪري ڇڏيو آهي، چين ۽ پاڪستان به هڪ ٻئي طرف ڏسي رهيا آهن پر ڀارت منظر تان غائب آهي، پاڪستان پاڻ کي خطي لاءِ اهم ۽ اڻٽر ملڪ ثابت ڪيو آهي.