منشيات اسمگلنگ ڪيس: راناثناءُالله جي جوڊيشل رمانڊ ۾ چوڏنهن ڏينهن جي واڌ

news

لاهور: (اڱارو 16 جولاءِ 2019ع) لاهور جي عدالت منشيات اسمگلنگ ڪيس ۾ گرفتار مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ راڻا ثناءَ الله جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي.

لاهور جي ضلعي ڪچهري ۾ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ رانا ثناءَ الله خلاف منشيات اسمگلنگ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ان سلسلي ۾ اي اين ايف ليگي اڳواڻ کي سخت سيڪيورٽي ۾ عدالت آندو ويو. ڪيس جي ٻڌڻي جي موقعي تي سيڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا جنهن تحت ضلعي عدالت ايندڙ ۽ ويندڙ سمورا رستا ڪنٽينر لڳائي بند ڪيا ويا.  عدالت ۾ راڻا ثناءَ الله جي چئن ساٿين کي به پيش ڪيو ويو جنهن ۾ هڪ ڊرائيور ۽ ٽي سيڪيورٽي گارڊ شامل آهن.

ٻڌڻي دوران راڻا ثناءَ الله جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته کين سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي. درخواست ڪندڙ جي وڪيل چيو ته راڻا ثناءَ الله کي دل جي تڪليف آهي، اسان جا فائل، دوائون ۽ موبائيل هنن وٽ آهن، آخر اها ڪهڙي شيءَ آهي جو فائل پيش نه پيو ڪيو وڃي. ٻڌڻي دوران راڻا ثناءَ الله جج سان ڳالهائيندي چيو ته اڃا تائين منهنجو موقف سرڪاري طور تي نه ورتو ويو آهي، ڪالهه هڪ ٽيم مون کان جاچ ڪئي پر سمورا تفصيل مون کي نه ڏنا ويا آهن، مون کي اڃان تائين رڪارڊ نه مليو آهي.

عدالت موقف ٻڌڻ کانپوءِ چيو ته جيستائين اي اين ايف اختياريون رڪارڊ پيش نه ٿيون ڪن تنهن وقت تائين ڪيس ملتوي رهندو.  عدالت راڻا ثناءَ الله جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي. عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي مسلم ليگ اڳواڻ عطاالله تارڙ طرفان راڻا ثناءَ الله جي فون تي شهباز شريف سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪرائي وئي.

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءَ الله چيو ته ظلم خلاف روئڻ نه پر ظالم کي للڪارڻ تي يقين رکان ٿو، ظلم خلاف مڪمل عزم سان بيٺل آهيان. هن چيو ته حڪمران ٽولو ملڪ کي گهرو ويڙهه جي ڪناري تي پهچايو  آهي، هو ڀلي سياسي مخالفن تي منشيات جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪن پر مان پنهنجي اڳواڻ نواز شريف ۽ پنهنجي پارٽي سان گڏ بيٺل آهيان.