مريم نواز پاران سڄي ملڪ ۾ احتجاجي ريليون ڪڍڻ جو اعلان

news

اسلام آباد: (اڱارو 16 جولاءِ 2019ع) مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي آزادي جي لاءِ سڄي ملڪ مان احتجاجي ريليون ڪڍڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ٽوئٽر تي بيان جاري ڪندي مريم نواز چيو ته مان سڄي ملڪ ۾ نڪتل احتجاجي ريلين جي قيادت ڪنديس. هن چيو ته  مظاهرن دوران عوامي نمائندن کي سزا ڏيڻ لاءِ نظام ۾ گڙ ٻڙ ختم ڪرڻ لاءِ آواز اٿارينديس.

سندس چوڻ هو ته احتجاج ۾ نواز شريف لاءِ انصاف، قانون جي بالادستي ۽ اظهار جي آزادي جو مطالبو ڪنديس. مريم نواز چيو ته عوامي مينڊيٽ جي چوري ۽ سليڪٽڊ کي ملڪ مٿان مڙهڻ تي به احتجاج ڪيو ويندو.