ميهڙ ويجهو پاڻي نه ملڻ سبب ماءُ معصوم پٽ سميت تڙپي تڙپي فوت

news

ميهڙ: اڱارو 16 جولاءِ 2019ع:ڪاڇي واري علائقي جي ڳوٺ ٻوري سالاري ڀرسان مائٽن ڏي ويل 35 سالن جع سبانا ۽ 3 سالن جي واجد چانڊيو واپس ڳوٺ وڃي رهيا هئا ته تيز طوفان سبب رستو ڀلجي ويا، جڏهن ته ساڻن گڏ موجود پاڻي ختم ٿيڻ ۽ ڪوبه ڳوٺ ويجهو نه هجڻ ڪري اڃ وگھي پاڻي لاءِ تڙپي تڙپي فوت ٿي ويا. 

مائٽن طرفان ڳولا کانپوءِ رات  دير سان لاش هٿ ڪيا ويا، جڏهن ته شاهه گودڙيو پوليس حد جو تڪرار ڄاڻائي ڪارروائي ڪرڻ کان اطلاع ملڻ باوجود  لنوائي رهي هئي، جنهن بعد ميڊيا تي خبرون اچڻ بعد ايس  ايس پي دادو  جي ترجمان  روايتي  پريس ليز به جاري ڪئي ته  حدن جو ڪوبه  تڪرار ناهي  ته پوءِ هي لاش بي يارو مددگار ڪيترائي ڪلاڪ  ڇو پيا رهيا ؟.

ياد رھي ته ڪاڇي واري علائقي مان تيل ۽ گئس ڪمپنيون اربين رپين جو تيل، گئس، ڪوئلو ۽ پٿر ڪڍن ٿيون، حڪمران ووٽ وٺي ايوانن ۾ پھچن ٿا پر عوام کي پيئڻ جو پاڻي به نٿو ملي سگھي، ماءُ ۽ ٻارڙي جي اڃ وگھي فوت ٿي وڃڻ کانپوءِ حڪمرانن ۽ تيل ڪمپنين جي پت وائکي ٿي وئي آھي.

مليل ڄاڻ موجب اھو عالمي سطح تي طئي ٿيل آھي ته جنھن به علائقي مان تيل گئس نڪري ٿو، اتي سموري علائقي ۾ تيل ڪمپنين کي پاڻي فراهم ڪري ڏيڻ سان گڏ گئس تعليم صحت جون سهولتون  ڏيڻيون آھن پر هتي انڌير نگري چرٻٽ راجا جو راڄ آهي.01