گهوٽڪي ۾ ننڍي چونڊ پنجن ڏينهن لاءِ ملتوي: پ پ اعتراض واري ڇڏيا

news

اسلام آباد: (اڱارو 16 جولاءِ 2019ع) اليڪشن ڪميشن گهوٽڪي جي اين اي 205 تي ننڍي چونڊ پنجن ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي آهي. 

اليڪشن ڪميشن گهوٽڪي ۾ ننڍي چونڊ پنجن ڏينهن لاءِ ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.  اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته پ پ اميدوار جو ڪيس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ 16 جولاءِ تائين بيلٽ پيپرن جي ڇپائي کان روڪي رکيو آهي جنهن ڪري هاڻ چونڊون 18 بجاءِ 23 جولاءِ تي ٿينديون.

ترجمان موجب اين اي 205 ۾ ننڍي چونڊ 18 جولاءِ تي طئه ٿيل هئي هاڻي چونڊ 18 بدران 23 جولاءِ تي ٿيندي. ٻئي طرف پ پ ننڍي چونڊ پنجن ڏينهن لاءِ ملتوي ڪرڻ تي اعتراض واري ڇڏيو آهي.