والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي پيرا ملٽري فورس جي هڪ ٻئي اهلڪار به خودڪشي ڪري ڇڏي

news

سري نگر: (اڱارو 16 جولاءِ 2019ع) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي هڪ ٻئي اهلڪار پاران پاڻ کي سرڪاري رائفل سان گولي هڻي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو.

ڪشمير ميڊيا موجب جمون جي علائقي ۾ پيرا ملٽري فورس جي اهلڪار رام ڪمار سرڪاري رائيفل سان پاڻ کي گولي هڻي خودڪشي ڪري ڇڏي. ڊي 37 بٽالين سان تعلق رکندڙ اهلڪار کي اسپتال آندو ويو جتي هو فوت ٿي ويو. خودڪشي جو سبب اڃان تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

گذريل مهيني ڀارتي فوج جي هڪ ڪرنل روهت شرما ليه ضلعي ۾ پاڻ کي گولي هڻي خودڪشي ڪئي هئي. اهڙي طرح 26 مئي تي به ضلع باره مولا ۾ انجنيئرنگ ريجمنٽ 22 جي سپاهي تيروپتي رائو سرڪاري رائيفل سان پاڻ کي گولي هڻي خودڪشي ڪري ڇڏي هئي.

واضح رهي ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج پاران ذهني دٻاءُ سبب خودڪشي ۽ معمولي جهيڙي سان ساٿي اهلڪارن کي قتل ڪرڻ جي واقعن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. 2017  کان هينئر تائين 436 اهلڪار خودڪشي ۽ پاڻ ۾ جهيڙي سبب مارجي ويا آهن.