شرح سود ۾ اضافو ڪاروباري طبقي جي تباهي جو نسخو آهي: مريم نواز

news

لاهور: اڱارو 16 جولاءِ 2019: مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته شرح سود ۾ اضافو ڪاروباري طبقي جي تباهي جو نسخو آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ اسٽيٽ بئنڪ جي طرفان شرح سود ۾ اضافي تي ردعمل ڏيندي مريم نواز چيو ته شرح سود ۾ اضافو ڪاروباري طبقي جي تباهي جو نسخو آهي.

واپاري ۽ ڪاروباري ماڻهو نالائق ۽ نااهل حڪومت کان نجات ڏيارڻ ۾ منهنجو ساٿ ڏين.

هن وڌيڪ چيو ته آئون واپارين ۽ ڪاروباري ماڻهن جي به وڙهنديس.