ٽنڊومحمدخان جي خانگي اسپتال ۾ غلط انجيڪشن لڳائڻ سبب معصوم ٻارڙو فوت وارثن جو احتجاج

news

ٽنڊومحمدخان: اڱارو 16 جولاءِ 2019ع:ٽنڊومحمدخان شهر جي ڦليلي روڊ تي خانگي ڪلينڪ ۾ مبينا طور ڊاڪٽر جي غلط انجيڪشن  لڳائڻ جي ڪري ڳوٺ پير  بچل شاهه جي رهواسي تعمور بروهي جي هڪ سال جي معصوم نينگر تعمير علي بروهي فوت ٿي ويو آهي سندس پيءِ تعمور بروهي صحافين کي ٻڌايو ته منهنجي پٽ کي دست ۽ الٽيون ٿيڻ جي ڪري اسان کيس علاج لاءُ ٽنڊومحمدخان ۾  اسحاق لغاري جي ڪلينڪ تي وٺي  آيس. 

جتي ڊاڪٽر مريضن جي شديد رش ۾ اسپتال اندر هو کيس مون ننڊڙي جي طبيعت بابت ٻڌايو، جنهن تي ڊاڪٽر اسپتال جي ڪمپائونڊر کي انجيڪشن لکي ڏني، جيڪا لڳڻ بعد منهنجو معصوم پٽ تعمير بروهي موقعي تي فوت ٿي ويو، جنهن جي وات مان مسلسل ڇاڳ وهي رهيو هو.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان پنهنجي پٽ کي دست الٽيون هئڻ ڪري ڳوٺ مان علاج واسطي اسپتال وٺي آياسين، جتي ڊاڪٽر جي لاپرواهي ۽ غلط انجيڪشن لڳائڻ ڪري منهنجو معصوم پٽ حياتي وڃائي ويٺو آهي.

هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته غلط انجيڪشن لڳائڻ ۾ ملوث ڊاڪٽر ۽ سندس ڪمپائونڊر خلاف ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ اسان احتجاج جاري رکينداسين.

هوڏانهن واقعي بابت وارثن طرفان نينگر لاش جي پنهنجي ابائي قبرستان ۾ تدفين بعد ڊاڪٽر جي غلط انجيڪشن لڳائڻ تي ڪيس داخل ڪرايو ويندو. 01