ٽنڊو محمد خان ۾ ڀائيٽي هٿان لٺيون هڻي چاچو قتل

news

ٽنڊومحمدخان: اڱارو 16 جولاءِ 2019ع:ٽنڊومحمدخان جي لاکاٽ لڳ ڳوٺ احمدخان زئور ۾ پنهنجي سڳي ڀائيٽي هٿان لٺيون هڻي 65 سالن جو پيرسن سومار زنئور بيدردي سان قتل ٿي ويو.

قتل واري واقعي کانپوءِ قتل ۾ ملوث ڄاڻايل ڀائيٽو پنهنجي ساٿين سميت فرار ٿي ويو، جنهن کانپوءِ وارثن پوليس کي اطلاع ڪيو، پوليس لاش ڳوٺ مان کڻائي سرڪاري اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم ڪرائي لاش وارثن حوالي ڪيو.

قتل واري واقعي بابت قتل ٿي ويل پيرسن سومار زنئور جي پٽ مير محمد زنئور ٻڌايو ته منهنجي پيءِ کي سئوٽ غلام محمد زنئور ۽ ٻين لٺيون هڻي بيدردي سان قتل ڪيو آهي.

اسان واقعي بابت تڌفين کانپوءِ ايف آءِ آر داخل ڪرائينداسين. هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته وارثن ڪوبه ڪيس داخل نه ڪرايو آهي، لاش جي تڌفين کان ڪيس داخل ڪرايو ويندو جڏهن ته ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آندي وئي آهي.01