حيدرآباد ۾ ايڇ ڊي اي جي ملازمن پاران پگهارون نه ملڻ خلاف علامتي بک هڙتال

news

حيدرآباد (رپورٽ: رضا عباس حاجاڻو)اڱارو 16 جولاءِ 2019ع: حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ملازمن  گذريل 7 مهينن کان پگهارون ۽ پينشن نه ملڻ خلاف حيدرآباد  پريس ڪلب سامهون علامتي بک هڙتال ڪري ايڇ ڊي اي جي انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي يونين اڳواڻن ايڇ ڊي اي مهراڻ ورڪرز يونين جي جنرل سيڪريٽري محمد اسلم عباسي ۽ ٻين چيو ته ايڇ ڊي اي واسا جي ملازمن کي گذريل 7 مهينن جون پگهارون جاري  نه ڪيو ويون آهن.

هنن چيو ته پگهارون ۽ پينشن جاري نه ٿيڻ ڪري ايڇ ڊي اي جا ملازم ۽ انهن جا خاندان فاڪاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. هنن چيو ته ورڪ چارچ ملازمن کي پڪو ڪرڻ جا صرف دلاسا ڏنا وڃن ٿا.

هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ته پگهارن جي لاءِ فنڊ جاري ڪيا وڃن ته جيئن ايڇ ڊي اي جا ملازم پنهنجي زندگي جو گذرسفر هلائي سگهن.01