عمرڪوٽ پوليس جي اي ايس آءِ جو نوجوان کي اغوا ڪري وحشياڻو تشدد، مرڻينگ

news

ميرپورخاص: اڱارو 16 جولاءِ 2019ع: عمرڪوٽ پوليس جي اي ايس آءِ نوجوان کي پوليس موبائل ۾ اغوا ڪرڻ بعد ٻن ڏينهن تائين وحشياڻو تشدد ڪري مرڻينگ ڪري ڇڏيو.

معاملو ميڊيا تي اچڻ بعد رات جي پيٽ ۾ اي ايس آءِ الهوسايو نهڙي جي ڀاءَ جي فرياد تي گرفتار ڪيل يار محمد نهڙي جڙتو ايف آءِ آر داخل، عمرڪوٽ پوليس جي اي ايس آءِ الهوسايو نهڙي بي رحماڻي تشدد سبب نوجوان يار محمد نهڙي کي مسلسل الٽيون اچڻ لڳيون‘هلڻ ڦرڻ کان لاچار  ٿي ويو آهي.

جنهن کي  اسپتال داخل ڪيو ويو آهي. عمرڪوٽ اي ايس آءِ الهوسايو نهڙي سان تڪرار هلندڙ هو، ان پنهنجي ڀاءُ کي فريادي ڪري ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪري بي رحماڻو تشدد ڪيو.

متاثر يار محمد نهڙي. جڏهن ته متاثر نوجوان جي وارثن پاران ايس پي عمرڪوٽ ۽ آءِ جي سنڌ کي بدمست اي ايس آءِ خلاف نوٽيس وٺي قانوني ڪارروائي ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.01