لاهور ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي، گهر جي ڇت ڪرڻ سبب زال مڙس سميت پنج ٻار فوت

news

لاهور:(اربع 17 جولاءِ 2019ع) لاهور جي ويجهي علائقي فيروز والا ۾ سخت برساتن سبب زبون حال بڻيل گهر جي ڇت ڪرڻ سبب زال مڙس سميت 5 ٻار فوت ٿي ويا آهن.

لاهور سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ گذريل ڏينهن کان ٿيندڙ برسات سبب روڊ ۽ هيٺاهين وارا علائقا ٻوڏ جو منظر پيش ڪرڻ لڳا. جڏهن ته بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو. لاهور ۾ وقفي وقفي سان پوندڙ چوماسي جي برساتن جر ٿر هڪ ڪري ڇڏيو. سمن آباد، گلبرگ، شاهدره ۽ شام نگر سميت ٻين علائقن ۾ ڪيترائي فوٽ پاڻي جمع ٿي ويو جڏهن ته گاڏيون بند ٿيڻ ڪيترائي ڪلاڪ ٽريفڪ جام رهي.

سخت برسات سبب معمول جي زندگي ۽ ٽريفڪ جي رواني سخت متاثر رهي ۽ شهرين کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو. جڏهن ته برساتن سبب مختلف حادثن ۾ 8 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. لاهور جي علائقي بادامي باغ ۾ به هڪ ٻار جي فوتگي جو واقعو پيش آيو آهي جڏهن ته ٻين حادثن ۾ 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

لاهور جي ميونسپل ڪارپوريشن جي اختيارين موجب شهر جي ڪيترن ئي هيٺاهين وارن علائقن ۾ جمع ٿيل پاڻي ڪڍيو ويو آهي. گذريل ڏينهن ٿيندڙ تيز برسات سبب ليسڪو جا 250 کان مٿي فيڊر متاثر ٿيا ۽ 160 فيڊرن کان شهر ۾ بجلي جي فراهمي معطل رهي جڏهن ته 35 فيڊر کي احتياطي طور تي بند رکيو ويو.

ليسڪو اختيارين جو چوڻ آهي ته برسات جو سلسلو ختم ٿيڻ کان پوءِ بجلي جي مڪمل فراهمي شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ جلد سمورن فيڊرز کان بجلي جي فراهمي بحال ڪئي ويندي.