ڪرڪيٽ ٽيم جو چيف سليڪٽر انضمام الحق اڄ اهم پريس ڪانفرنس ڪندو

news

لاهور: (اربع 17 جولاءِ 2019ع) ڇا چيف سليڪٽر انضمام الحق پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ وڃي رهيو آهي.؟ اڳوڻو ڪپتان اربع تي لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران پنهنجي مستقبل جي حوالي سان اهم اعلان ڪندو.

ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ پاڪستاني ٽيم سان سليڪشن معاملن تي گڏ رهڻ ۽ پوءِ خانگي دوري تي چيريٽي لاءِ فنڊ جمع ڪندڙ چيف سليڪٽر انضمام الحق لاهور پهچي ويو آهي. پي سي بي اعلان ڪيو آهي ته اربع تي ٻنپهرن جو اڍائي وڳي انضمام الحق لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندو.

جيڪڏهن هو پاڻ استعيفيٰ ڏئي ٿو ته ورلڊ ڪپ کان پوءِ  هو پاڪستاني ٽيم انتظاميه ۾ عهدو ڇڏيندڙ پهريون اهم ۽ طاقتور شخص هوندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته انضمام الحق پنهنجي مستقبل جي حوالي سان پريس ڪانفرنس ۾ اهم اعلان ڪندو.

ياد رهي ته ورلڊ ڪپ سان گڏ ئي قومي سليڪشن ڪميٽي جي عهدي جو مدو ختم ٿي ويو آهي جڏهن ته پي سي بي نئين سليڪشن ڪميٽي جي لاءِ نئين ماڻهن کي مقرر ڪرڻ چاهي ٿو.