آءِ ايم ايف جي اڳواڻ ڪرسٽين ليگارڊ عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي
ويب ڊيسڪ | 5 مھينا پھريان

واشنگٽن: (اربع 17 جولاءِ 2019ع)عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) جي اڳواڻ ڪرسٽين ليگارڊ عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.
پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ڪرسٽين ليگارڊ 12 سيپٽمبر تي پنهنجو عهدو ڇڏيندي. آءِ ايم ايف جي اڳواڻ جو نالو يورپين سينٽرل بينڪ جي صدارتي اميدوارن ۾ شامل آهي ۽ هن پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي ڪيو آهي.
ڪرسٽين ليگارڊ 2011 کان آءِ ايم ايف جي اڳواڻ جي طور تي خدمتون سرانجام ڏئي رهي هئي. هاڻ آءِ ايم ايف جو بورڊ نئين اڳواڻ جي ڳولا ڪندو.
ڪرسٽين ليگارڊ جيڪڏهن يورپين سينٽرل بينڪ جي صدر چونڊجي وئي ته هو اهو عهدو سنڀالڻ واري پهرين عورت هوندي.

111