سي ٽي ڊي حافظ سعيد کي گرفتار ڪري ورتو

news

لاهور: (اربع 17 جولاءِ 2019ع) سي ٽي ڊي پنجاب پابندي مڙهيل تنظيم جماعت الدعوه جي اڳواڻ حافظ سعيد کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب حافظ سعيد کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪليو ويو آهي. حافظ سعيد کي ان وقت گرفتار ڪيو ويو جڏهن هو لاهور کان گوجرانوالا وڃي رهيو هو.

پنجاب حڪومت جي ترجمان شهباز گل موجب حافظ سعيد کي چندو گڏ ڪرڻ ۽ اهم معاملن تي گرفتار ڪيو ويو آهي. مذڪوره معاملي تي ڳالهائيندي سينئر صحافي محمد مالڪ چيو ته رياست جي طرفان حافظ سعيد جي گرفتاري هڪ سٺو فيصلو آهي. ادارن وٽ هڪ ڊگهي لسٽ موجود آهي اميد ڪريان ٿو ته اها هڪ سٺي شروعات آهي.

هن چيو ته هاڻ اسان دنيا کي ڌوڪو نٿا ڏئي سگهون. ماضي ۾ ائين ٿيندو آيو آهي ته اسان مفادن جي بنياد تي ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪندا آيا آهيون. هن چيو ته دهشتگردي جي حوالي سان دنيا جو موقف هڪ آهي ۽ اسان دنيا کان هٽي نٿا هلي سگهون.

حافظ سعيد جي گرفتاري تي ڳالهائيندي برگيڊيئر(ر) حارث نواز چيو ته حافظ سعيد کي پهريان به گرفتار ڪيو ويو هو پر اصل ڳالهه اها آهي ته عدالت ۾ ان جي خلاف پيش ڪرڻ جي لاءِ ڪو ثبوت موجود آهي يا نه.  گهرو وزارت جماعت الدعوه ۽ فلاح انسانيت فائونڊيشن کي 21 فيبروري 2019 تي  پابندي مڙهيل قرار ڏنو هو. ٻنهي  پارٽين جي انتظام هيٺ سنڌ  ۾ هلندڙ مدرسا ۽ فلاحي ادارا به صوبائي حڪومت پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيا آهن. 

مارچ 2019 ۾ حڪومت طرفان وفاقي راڄڌاني ۾ قائم مسجد قبا، مدرسو خالد بند وليد، مدرسو ضياالقرآن، مدني مسجد ۽ علي اصغر مسجد کي به پنهنجي قبضي هيٺ آڻي ڇڏيو آهي.