محمد بخش مهر نا سمجهه ماڻهو آهي، سيٽ کٽي ته به ڪجهه نه ڪري سگهندو: علي گوهر مهر

news

گهوٽڪي: اربع 17 جولاءِ 2019ع:جي ڊي اي اڳواڻ سردار علي گوهر خان مهر چيو آهي ته پيپلن جو پي زرداري پاڻ جيل ۾ آهي، محمد بخش خان مهر سيٽ کٽي پنهنجا 4 سال ضايع ڪرڻ چاهي ٿو، جيڪو هن جو ٻاراڻو خيال آهي، بلاول پنهنجي پيءَ کي وٺي بيهاري. تڏهن به مقابلو ڪنداسين.

هن اهڙو اظهار اين اي 205 تي ٿيندڙ ضمني چونڊ دوران آزاد سيٽ تي مقابلو ڪندڙ پنهنجي فوتي ڀاء سردار علي محمد خان مهر جي پڳدار پٽ احمد علي خان مهر جي چونڊ دوران گهوٽڪي ۾ خطاب ڪندي ڪيو. سردار علي گوهر خان مهر جو چوڻ هو ته هنن کي پ پ جي سيٽ جي ضرورت ناهي.

هنن هميشه پنهنجي طاقت سان سيٽ کٽي آهي، هو پ پ جي سيٽ جا محتاج ناهن، سندس چوڻ هو ته زرداري سان ڪوبه جهيڙو ناهي، جيڪڏهن جهيڙو آهي ته گهوٽڪي جي عوام جي مفادن جو جهيڙو آهي، پوري ملڪ ۾ گهوٽڪي مان گئس وڃي ٿي پر گهوٽڪي گئس جهڙي نعمت کان محروم آهي، هتان جي ملٽي نيشن ڪمپنين ۾ ٻاهريان ماڻهو ملازمت ڪن ٿا، بس پابندي صرف گهوٽڪي جي نوجوانن لاءِ آهي.

هن چيو ته 10 ارب رپيا گهوٽڪي ضلعي جي رائلٽي آهي، جيڪا هنن 50 سالن تائين کاڌي آهي، اسان چيو ته هاڻي اها رائلٽي ضلعي تي خرچ ٿيڻ کپي جيڪا ڳالهه پيپلزپارٽي وارن کي نه وڻي، ڪيترا ڀيرا آصف علي زرداري، فريال ٽالپر، بلاول ڀٽو کي گهرائي گهوٽڪي کي حق ڏيڻ جي گهر ڪئي پر ڪجهه به نه ڏنو ويو، جنهن ڪري پيپلزپارٽي کي ڇڏيو.

هي بدمعاش هنن جا حق کائڻ چاهين ٿا، کين حق کائڻ نه ڏينداسين. هي ڀلي سنڌ جي ڪابينا وٺي اچن پر ميدان ماري ڏيکارينداسين. هي چورن جي حڪومت آهي، سردار علي گوهر خان مهر جو وڌيڪ چوڻ هو ته پيپلن کي هڪ سيٽ سان ڪوبه فرق نه پوندو. هنن جي مٿي حڪومت ئي ناهي. هنن جي ايجنڊا صرف اسان کي وڙهائڻ آهي، محمد بخش خان مهر نا سمجهه ماڻهو آهي، هن سيٽ به کٽي ته ڪجهه به نه ڪري سگهندو، پيپلن جو پي زرداري هن وقت جيل ۾ آهي، هو سنڌ کي ڇا ڏيندا، هو چاهي ٿو ته گهوٽڪي جي عوام کي نوڪريون ملن گهوٽڪي جي رائلٽي گهوٽڪي تي ئي خرچ ٿي.

هن جو چوڻ هو ته هن جو سياسي استاد غلام  محمد خان مهر آهي، بلاول ته ڇا جيڪڏهن هو پنهنجو پي وٺي اچي تڏهن به مقابلو ڪنداسين. هن ان دوران مهر قوم ۽ گهوٽڪي واسين کان پنهنجي ڀائٽي آزاد اميدوار سردار احمد علي خان مهر کي ووٽ ڏيڻ جو وچن ورتو.01