ميرپورخاص ۾ عورت مڙس جي ظلم کان تنگ اچي گهران نڪري وئي، ڳوٺاڻن پاران پوليس حوالي

news

ميرپورخاص:اربع 17 جولاءِ 2019ع: مڙس جي ظلمن کان تنگ ٿي عورت وجهه وٺي ٻن ٻارن سميت گهران نڪتي، قتل ٿيڻ جي خوف سان رات جهنگ ۾ گذاري، تعلقي ٿاڻي جي پوليس ڳوٺاڻن جي اطلاع تي عورت کي  وومين ٿاڻي حوالي ڪيو، وومين پوليس ڪيس داخل نه ڪيو،عورت ڪيس ۽ تحفظ جي انتظار ۾ ٿاڻي تي ويٺي رهي. ت

فصيل موجب تعلقي ٿاڻي جي حد ڪوس گهر ويجهو رهندڙ شهناز پنهور مڙس جي وحشاڻي تشدد کان تنگ ٿي رات دير سان ٻن ٻارن سميت گهراڻ ڀڄي جان بچائي، رات جهنگ ۾ گذارڻ بعد ڳوٺاڻن پوليس حوالي ڪيو، جتي تعلقي ٿاڻي جي پوليس وومين ٿاڻي تي وٺي آئي، جتي وومين پوليس ڪيس وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

ان موقعي تي مظلوم عورت شهناز صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته 13 سال اڳ زاهد پنهور سان نڪاح ٿيو، جنهن جو ذهني توازن ٺيڪ ناهي روز تشدد ڪندو رهندو آهي ۽ هاڻي ساهرا به تشدد ڪندا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته مڙس مائٽن ۾ به نه موڪلندو آهي ۽ نه ئي طلاق ڏئي ٿو، رات به سخت تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جتي وجهه وٺي ٻن ٻارن سميت گهران نڪري جان بچائي آهي. هن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو ته مڙس کان طلاق وٺرائي تحفظ ڏنو وڃي.01