ڪوٽڙي ۾ شهرين پاران پاڻي جي کوٽ خلاف ڌرڻو

news

ڪوٽڙي:خميس 18 جولاءِ 2019ع: ڪوٽڙي سائيٽ واسين پاران پيئڻ جي پاڻي کوٽ تي ڊي سي هٽايو، پيئڻ جو پاڻي ڏيو سوين شهرين ريلي ڪڍي پيادل مارچ ڪري ڊي سي آفيس جو گهيراو ڪري اورهيڊ برج تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، ڌرڻن سبب ٽريفڪ بلاڪ ٿي وئي، ڪوٽڙي سائيٽ جي 12 کان وڌيڪ ڪالونين ۾ پيئڻ جي پاڻي کوٽ خلاف رهواسين مختلف تنظيمن جي ڪارڪنن ٻٻر چوڪ کان ريلي ڪڍي پيادل مارچ ڪري الڳ الڳ ڌرڻا هنيا، ٻولهاڙي اتحاد جي سڏ تي عوامي جهموري پارٽي، جست، شهري اتحاد، انڊس فائونڊيشن پاران يوسف سارنگ، عبدالفتاح چنا، سلام لاشاري، قربان پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي  مارچ ڪري ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو.

ان کانسواءِ سائيٽ ڪوٽڙي واسين ايس ٽي پي، ايس يو پي ۽ ٻين پارٽي جي اڳواڻن روشن ٻرڙو، شبير مگسي، شبير ٻنگ، مختيار چنا، طارق چوهاڻ سميت رهواسين هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ ۽ ڪارا جهنڊا کڻي ريلي ڪڍي پهريان ڊي سي آفيس آڏو پوءِ ڪوٽڙي اور هيڊبرج تي ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي سبب سوين گاڏيون بيهجي ويون، مظاهرين جو مسافر گاڏين جي ڊرائيورن سان چڪريون پڻ ٿيون.

مظاهرين سان ڊي ايس پي ڪوٽڙي روڊ کولرائڻ لاءِ پهتو ته مظاهرين سندس سان ڳالهيون ڪرڻ کان انڪار ڪندي ڊي,سي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو ويو. هوڏانهن ڊي سي ڄامشورو آفيس جو گهيراو ڪندڙ ٻولهاڙي اتحاد سميت سياسي سماجي ڌرين جي اڳواڻن يوسف کونهارو، قربان پنهور، اعجاز سومرو خطاب ڪندي چيو ته ڊي سي ڪرپٽ آھي.

عوامي جهموري پارٽي جي اڳواڻ قربان پنهور خطاب ڪندي چيو ته ڪوٽڙي سائيٽ کي پيئڻ پاڻي نٿو ملي ان ۾ اقتدار ڌر جي ذميواري آھي پر ان سان گڏ ماڻهن جي ايڏي وڏي احتجاج ۽ پاڻي جي کوٽ تي حزب اختلاف ڪهڙو ڪردار ادا ڪري پئي.

احتجاجي ڌرڻن ۽ ڊي سي آفيس جو گهيراو ڪندڙ الڳ، الڳ احتجاج ڪندڙن سان اسسٽنٽ ڪمشنر شوڪت اڄڻ اي سي ڪوٽڙي غلام رسول پنهور پهچي ڳالهيون ڪيون، ڪامورن ٻنهي احتجاج ڪندڙ ڌرين کي ٻڌايو ته فلحال اسان ٽي مشنيون هلائڻ شروع ڪيون پيا، سائيٽ واسين کي سستي اگھ تي ٽئنڪر مهيا ڪنداسين پائپ لائينن وڇائڻ جو ڪم هلي پيو جيستائين لائينون وڇايون وڃن تيستائين ضلعي انتظاميه پاران 600 کان 800 في ٽئنڪر مهيا ڪنداسين مستقل حل به ڪڍي وٺنداسين، ڳالهين بعد ٻنهي ڌرين ڌرڻا ختم ڪيا.01