نوابشاهه عورت جو ڀائرن سان گڏجي ساهرن جي ظلم خلاف احتجاج

news

نوابشاھ: جمعو 19 جولاءِ 2019ع:بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڄام صاحب روڊ جي رهواسڻ ٻن ٻارڙن جي ماءَ هما ديوي پنهنجي والد پونم چند ۽ ڀاءَ سان گڏ نوابشاھ پريس ڪلب پهچي دانهيندي چيو ته منهنجي 4 سال اڳ وڪي سان شادي ٿي هئي ۽ شادي جي ٻن سالن کانپوءِ مبينا طور تي منهنجي ٻه ڏير آڪاش ۽ پرڪاش مونسان چار چار ڀيرا زبردستي زناهه ڪري منهنجي غير اخلاقي تصويرون ٺاهي مونکي بليڪ ميل ڪندا هئا ۽ مونسان لڄالٽ ڪندا هئا، جڏهن ته منهنجو سهرو پڻ مونکي بري نظرن سان ڏسندو هو.

جڏهن ته مان اهڙي ظلم جي دانهن پنهنجي مڙس وڪي کي ڏني ته هن پنهنجي ڀائرن خلاف قدم کڻڻ بدران مونکي نشي واريون گوريون کارائي تشدد ڪري مونکي بيهوشي جي حالت ۾ منهنجي والد جي گهر حيدرآباد ڇڏي آيو، جتان مان انصاف لاءِ نوابشاھ پريس ڪلب پهتي آهيان.

جڏهن ته متاثر عورت هماديوي جي والد پونم چند ٻڌايو ته منهنجي ڌيءَ هماديوي سان سندس ڏيرن آڪاش، پرڪاش ۽ سندس سهري گيدو مل ظلم ڪيو آهي ۽ منهنجي ڌي جا ٻه ٻارڙا پڻ کسي هن کي تشدد جو نشانو بڻايو آهي جڏهن ته بعد ۾ ناري بي سيڪشن ٿاڻي تي پهچي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرايو انهي سلسلي ۾ پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا ۽ پوليس جو چوڻ هيو ته اسان هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي ۽ ٻين جوابدارن جي گرفتاري ڇاپا هڻي رهيا آهيون .01