سعودي عرب ۾ آمريڪي فوج جي مقرري، شاهه سلمان منظوري ڏئي ڇڏي

news

رياض: ڇنڇر 20 جولاءِ 2019ع: سعودي بادشاهه شاهه سلمان سعودي عرب ۾ آمريڪي فوج جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب سعودي بادشاهه شاهه سلمان خطي ۾ سيڪيورٽي ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ سعودي عرب ۾ آمريڪي فوج جي مقرري جي منظوري ڏئي.

آمريڪي دفاعي کاتي به سعودي عرب ۾ آمريڪي فوج جي مقرري جي تصديق ڪندي چيو آهي ته آمريڪا اڀرندڙ سنگين خطري کي روڪڻ لاءِ سعودي عرب ۾ پنهنجا وسيلا ۽ فوجي  دستن کي مقرر ڪندو.

رائٽرز موجب آمريڪي دفاعي کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته سعودي عرب ۾ آمريڪي فوج جي مقرري جو مقصد خطي ۾ امن ۽ استحڪام برقرار رکڻ ۽ دفاعي شعبي ۾ گڏيل تعاون کي وڌائڻ آهي.

آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته سعودي عرب ۾ 500 فوجين جي مقرري گذريل مهيني پينٽاگون طرفان وچ اوڀر ۾ مقرر آمريڪي فوجين جي تعداد ۾ واڌ جي اعلان جو حصو آهي.

گزريل مهيني پينٽاگون وچ اوڀر ۾ هڪ هزار فوجين جي مقرري جو اعلان ڪيو هو جڏهن ته اهو نه ٻڌايو ويو ته اهي فوجي ڪٿي ڪٿي مقرر ٿيندا.

2003ع کانپوءِ اهو پهريون موقعو آهي جو سعودي عرب ۾ آمريڪي فوجي مقرر ڪيا پيا وڃن، آمريڪا 2003ع ۾ عراق جنگ جي خاتمي تي سعودي عرب مان سمورا فوجي واپس گهري ورتا هئا.